SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Newly Industrialized - Industrializing Country NIC

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuːliː
  • indʌstriəlaizd
  • indʌstriəlaiziŋ
  • kʌntriː
  • nic
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Newly Industrialized - Industrializing Country NIC

نيولي انڊسٽريلائيڊ/انڊسٽريلائيزنگ ڪنٽري

نوان صنعتڪار يا اُسرندڙ صنعتڪار مُلڪ

اهڙو ملڪ، جنهن ۾ صنعت ڪاري ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل ڪاروباري ۽ واپاري سرگرميون مضبوط بنيادن تي شروع ڪيون ويون هجن، اُن ملڪ کي ”تازو صنعتڪاري ڪندڙ“ يا ”صنعت ڪاري بڻيل“ مُلڪ (NIC) سڏجي ٿو. عام طور هي اصطلاح ڏکڻ ڪوريا، تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور جهڙن ڏور ۽ ويجهي اوڀر جي ملڪن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جن پنهنجي سياسي ۽ معاشي پاليسين سبب مُلڪ ۾ هڪ ڪامياب صنعتي ڍانچو برپا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. مٿي ڄاڻايل ملڪن ۾ هانگ ڪانگ تمام گهڻي تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي ۽ سندس ڪامياب صنعت ڪاريءَ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل پيداواري وکرن کي پرڏيهه موڪلڻ لاءِ ڪامياب ڪاروباري سرشتو جوڙڻ واري عمل سبب، هانگ ڪانگ کي ته مورڳو اُسريل صنعتي مُلڪن (Advanced Industrial Countries) جي فهرست ۾ شامل ڪيو ٿي ويو. انهيءَ تڪڙي ترقيءَ کي نظر ۾ رکندي، چين جو حصو ٿيڻ کان پوءِ به هانگ ڪانگ جي حڪومت، صنعت ڪاريءَ جي حوالي سان نوان ڪاروباري دروازا کولڻ واري پراڻي پاليسي جاري رکي. انهيءَ ڪري ڪپڙي جي صنعت، ڪيمياسازي، گاڏين، تعميراتي مواد، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان سميت مُختلف شعبن ۾ ڪارخانا ٻاهرين سيڙپڪاريءَ سان قائم ڪيا ويا. ”اين. آءِ. سي“ جي مُلڪن جي عمل کي ٽين دنيا لاءِ ترقيءَ جي نادر نموني (Model) طور ليکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي، گهڻ قومي ڪمپنيون (MNCS) ۽ متحرڪ سياسي قيادت جي حاصلات ٽين دنيا جي ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم محرڪن طور ڳڻيا ويندا آهن، صنعت ڪاريءَ ۾ ترقيءَ لاءِ ”گلوبلائيزيشن“ جي عمل کي ملڪي پاليسين ۾ ترجيحي طور شامل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ايشيا ۾ ترقيءَ جي هڪ اهم ماڊل جپان جي ترقيءَ جا بُنيادي سبب ”گلوبلائيزيشن“ تي عمل، صنعت ڪاريءَ جي عمل کي همٿائڻ ۽ وڌائڻ ۽ معاشي سهڪار کي پنهنجن پاليسين ۾ شامل ڪرڻ آهي. رٿابنديءَ سان جوڙيل صنعت ڪاريءَ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل پيداوار کي وڌائڻ کانپوءِ، اُن کي وڪرو ڪرڻ جو مرحلو به اهم هوندو آهي. ان ڪري صنعتڪاريءَ جي ميدان ۾ تڪڙي ترقي ڪيل ڪافي ملڪن وٽ واپاري سهوليتن ۽ رعايتن جي بنيادن تي خصوصي واپاري پاليسي ترتيب ڏنل هوندي آهي. ”ورلڊ ايڪنامڪ فورم“، ”آرگنائيزيشن فار ڪوآپريشن اينڊ ڊولپمينٽ“ ۽ اهڙن ٻين ادارن جي قيام جو اصل مقصد پوئتي پيل ملڪن کي صنعتڪاريءَ جي شعبي ۾ اُتساهڻ ۽ کين گهربل مراعتون ڏيئي همٿائڻ آهي، ته جيئن اُهي ترقيءَ جي راهن تي پير ڌري سگهن.


Remember Me Also:

ٻڪرال

ذ. ٻَڪرارُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal